اتمچنداڻي نک

اُُتمچنداڻي نک (ڪڪا ):هي خدا آبادي ڀائيبند آهن ۽ پنهنجي وڏي ڏاڏي سيٺ اُتمچند ڇتي مل جي نالي پٺيان پاڻ کي ”اُتمچنداڻي“ سڏائيندا آهن. حيدرآباد ۾ سندن گهر اصل کيانتي ٽنڊي طرف دلواڻي گهٽيءَ ۾ هوندا هئا. پوءِ سوڙهه سبب منجهائن ڪي اٿي ٻئي هنڌ وڃي ويٺا. سيٺ اُتمچند جو حيدرآباد جي ميرن سان چڱو رستو هوندو هو. انگريزن جي صاحبي شروع ٿي ته ان وقت به نانءُ ناموس گهڻو هوس. سيٺ اُتمچند حيدرآباد ۾ ڪجهه وقت ميونسپل ڪائونسلر به رهيو.
سيٺ اُتمچند کي چار پٽ هئا. چئنراءِ، رامچند، اوڌوداس ۽ ٽپڻداس. ڀائي چئنراءِ جي پوٽن جا ڪارخانا ويسٽ آفريڪا، جبرالٽر ۽ ٻين هنڌ آهن ۽ ”جي ٽي چئنراءِ اُتمچند“ جي نالي سان مشهور آهن. ڀائي اوڌوداس جو پوٽو ڀائي ٽهلرام آسومل سنڌورڪي آهي. سندس ڪارخانا اڳي نيويارڪ (آمريڪا) ۽ مالٽا ۾ هئا ۽ هاڻي فقط هندستان ۾ بمبئي، ڪلڪتي، لاهور، دهليءَ ۽ ٻين هنڌ آهن. حيدرآباد جي ڀائيبنڊن مان اُتمچنداڻي، ساگراڻي، مهتاڻي ۽ هاٿيراماڻي شهر جا مکيه پاوا ڪري ليکبا هئا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو